پاٻيڙو ڍنڍ

پاٻيڙو ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ حيدرآباد بدين روڊ تي ٽنڊي محمد خان ويجھو ڳوٺ کٿڙ ۾واقع آهي. هيءَ ڪلريءَ ڍنڍ سان جھڙوڪر ڳنڍيل آهي. تنهن ڪري ڪي هن کي ڪلري ڍنڍ به سڏين ٿا. برساتن جو پاڻي گنجي ٽڪر تان وهي اچي هن ڍنڍ ۾ پوي ٿو ۽ هيءَ ڍنڍ ڀرجي ٿي. هن ڍنڍ ۾ پاڻي مٺو هوندو آهي ۽ هن ۾ پٻڻ به جام ٿئي ٿي، تنهن ڪري پاٻيڙو ڍنڍ سڏجي ٿي.


لفظ پاٻيڙو ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو